درويش دائود 1

درويش دائود 1: مشهور بزرگ دائود درويش، سنڌوءَ جي الهندي شاخ بگھاڙ واهه جي ساڄي ڪپ تي ٺٽي کان ٽي ميل ڏکڻ ڪلان ڪوٽ ۾ رهندو هو. پاڻ وڏو بزرگ هو، سندس ڪيترائي مريد هوندا هئا. هو هميشه دنياداريءَ جي معاملن کان پري پنهنجي مستيءَ ۾ رهندو هو. ڪلان ڪوٽ ڀرسان هڪ پاڻيءَ جو تلاءُ هوندو هو، جيڪو انهيءَ درويش جي نالي سان سڏبو هو. روايت آهي ته انهي تلاءَ ۾ هو پنهنجي دوستن ۽ مريدن سان راند ڪندو هو. هڪڙو پاڻي ۾ ڀڄندو هو ته ٻيا ان کي تري جھلندا هئا. اها به روايت آهي ته فقير جنهن کي جھليندو هو، ان کي پاڻي ۾ ٽٻيون ڏياري ٻوڙيندو هو ۽ اهو ماڻهو معرفت ۽ حقيقت وارو ٿي ويندو هو.
هي بزرگ سيد مراد شاهه شيرازيءَ جو همعصر هو. کيس وفات بعد ان تلاءُ ڀرسان دفن ڪيو ويو. مقامي ماڻهو مزار جي سار سنڀال لهن ٿا. برسات جي موسم ۾ سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو